اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اولڊ ايج هومز قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيئر سٽيزن ??ل 2019ع ۽ عورتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته سعودي عرب پاران 2019ع جي ح?? جي اضافي ڪوٽا کي سرڪاري حج اسڪيم تحت استعمال ۾ آڻڻ، اسلام آباد ۾ ماڊل جيل جي تعمير ۾ بي ضابطگين جو معاملو جاچ جي لاءِ ايف آءِ اي جي حوالي ڪرڻ، ۽ ملڪي ايئرپورٽس جي بهتر انتظام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ هفتي ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيرا??ظم پهرين حج اڏام ۾ روانو ٿيندڙ حاجين کي رخصت ڪندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيرا??ظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری