اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي د??پيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي د??وت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سا??ي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي موسم??ات?? تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ م??المي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ملڪ کي د??پيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحول??ات?? تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار