اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير يا??و جنگ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهڻ واري تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ سفير يا??و جنگ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. وزيراعظم چيني قيادت جي پنهنجي عوام جي لاءِ ترجيحن کي ساراهيندي چيو ته چيني قيادت ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ شاندار ڪ??دار ادا ڪيو آهي، اسان اقتصادي ترقي ۽ غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا