اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي ا??تصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل ٽيرف پاليسي 24 – 2019ع تح?? 152 ٽيرف لائينز، جنهن ۾ گهڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي ۽ گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولتن، پاڻي جي سيوريج ۽ فراهمي جي نظام جي ل??ءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاسڪو کان خيبرپختونخواهه جي ل??ءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ل??ءِ 80 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ل??ءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ نئين فصل جي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآم?? جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي ا??تصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا