اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن جديد سائنسي شعبن ۾ ترقي سان لاڳاپيل آهي، تعليمي ادارن ۽ صنعت جي وچ ۾ بهتر رابطن سان نه رڳو نوجوانن کي موزون روزگار جا موقعا ميسر ايندا پر ان سان صنعت جي ترقي جا امڪان به پيدا ٿيندا. هو نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۾ بي ايس انجن??ئر??گ ٽيڪنالاجي جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??رو وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چ??ئر??ين ڊاڪٽر طارق بنوي، ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف انجن??ئر??گ ٽيڪنالاجي ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد اصغر سميت يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ فيڪلٽي ميمبرن کانسواءِ شاگرد به شريڪ هئا. صدر يونيورسٽي پاران بي ايس انجن??ئر??گ ٽيڪنالاجي جي آغاز جي آجيان ڪندي ان کي ملڪ جي مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ جو وڏو سبب اهو رهيو آهي ته روايتي تعليم جديد دور جي گهرجن ۽ خاص طور تي صنعت جي ضرورتن سان هم آهنگ نه آهي، اسان کي ان مسئلي جي حل لاءِ اڪيڊمين ۽ صنعت کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں