اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بل??چس??ان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بل??چس??ان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏن??. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بل??چس??ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ??دقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بل??چس??ان جي ترقي تي ڌيان نه ڏن??. پي ٽي آءِ جي حڪومت بل??چس??ان کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏن??. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ??يل بل??چس??ان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بل??چس??ان کي ٿيندو، بل??چس??ان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بل??چس??ان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته بل??چس??ان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، ??ميد آهي ته بل??چس??ان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بل??چس??ان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاران بل??چس??ان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بل??چس??ان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.
بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل