اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وا??ارين ۽ صنعتي شعبي جي ملڪ ۾ معاشي ۽ وا??اري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور وا??اري سفارتڪاري ڪري رهي آهي ۽ ايس ايم ايز جي حوصل?? افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد وا??اري معاهدن ۽ ترجيحي وا??اري معاهدن جي ذريعي مقامي وا??ارين ۽ صنعت جي لاءِ نئين ۽ بهتر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري (جي سي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر لياقت علي ملڪ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صدر جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري محمد عدنان سرور، نائب صدر عبد??لق??وم ۽ چيمبر جي ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر لياقت علي ملڪ صدر کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ جي وا??ارين لاءِ صنعتي اسٽيٽ جي منظوري تي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي مدد جي لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني وا??اري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. صدر چيو ته حڪومت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز تي زور ڏنو ته هو وا??ارين جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي حوصل?? افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صدر عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي مسئلن جي ??ل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي.
واپارين ۽ صنعتي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال