اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غروب ٿي چڪا آهن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پارٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آهي، پي ايم ايل اين جي سياست کي وڏي ميان صاحب ۽ سندس ڌيءَ ??فن ڪري ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن اقتدار عمران خان کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪ??نف??نس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي ??رڪ??ري وسيلن ۽ پروٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ائين ئي تڙپندا آهن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جيڪڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ان جو سبب توهان جي اربن کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي قرض آهن جيڪي توهان ذاتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا پنه??جي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ جمهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنه??جي تقرير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنه??جي هڪ پليٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنه??جي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنه??جي چاچي شهباز شريف سان اهو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن جيڪو زرداري ۽ بلاول گڏجي مولانا فضل الرحمان سان سان ڪيو آهي. مولانا کي پنه??جي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، مولانا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرين جي لاءِ انجمن ٺاهين.
شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس