اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سعودي عرب جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳالهه هن سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي ??يئ??مين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ ??يئ??مين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سينيٽ ??يئ??مين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وق?? ۾ پاڪستان جي مدد ڪئ?? آهي جيڪا واکاڻ جوڳ?? آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي ??يئ??مين چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي ??يئ??مين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سينيٽ ??يئ??مين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سعودي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سينيٽ ??يئ??مين جي ڪوششن کي ساراهيو.
سعودي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿا: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ