اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيور??ٽي کي ??دا??ت ڪئي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ورچوئل يونيور??ٽي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين تعليم ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيور??ٽي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچوئل يونيور??ٽي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيور??ٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيور??ٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آه??. ي??نيور??ٽي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيور??ٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي ??دا??ت ڪئي. صدر ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيور??ٽي جي ڪردار کي ساراهيو.
صدر پاران ورچوئل يونيورسٽي کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين پُهچ وڌائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش