اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ هلال احمر جي خيرسگالي سفير اسماعيل حقي ترنڪ ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي تي ٻڌل ترڪي جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاران ??ڪج??تي جي اظهار کي ساراهيو ۽ چيو ته 2005ع جي زل??لي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻوڏ کانپوءِ به ترڪيه پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جون ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه پاران امدادي ڪاررواين جي لاءِ موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اسماعيل حقي ترنڪ م??ڪ ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد ??ي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي فراهمي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ??ڪج??تي جي اظهار تي ترڪ هلال احمر جا ٿورا مڃيا.
ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil