اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي ا??يل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي ??ارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي ا??يل ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي ??ارا ماڻهو ??ڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جم?? ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي ديني ذميواري آهي.
وزيراعظم پاران عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا