اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀريو ??حر??ڪ جي پهرين قسط قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان ج?? اسلام آباد جي عدالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران خان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ ??ي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هجڻ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيس.
مضمون کا ماخذ : کڑک