اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف، پارلياماني معاملن واري وزير کي هدايت ڪئي ته بجيٽ تي ميمبرن جي تجويزن کي نوٽ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن جو گيلري ۾ موجود هجڻ انتهائي ض??وري آهي، جيڪڏهن اربع ڏينهن آفيسر موجود نه هوندا ته انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. قومي اسيمبلي اجلاس جي شروعات تي اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت 11 بجي جو هو، پر بجيٽ تجويزون نوٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري آفيسر اڃ?? تائين گيلري ۾ موجود ناهن، پارلياماني معاملن وارو وزير اها ڳالهه وزيرا??ظم جي نوٽيس ۾ آڻي، جيڪڏهن (اڄ) کان لاڳاپيل آفيسر موجود نه هوندا ته انهن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا