اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطين جي معامل?? تي پاڪستان جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو وي?? ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته فلسطين جي معامل?? تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئل?? تي پاڪستان جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چي?? ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پاڪستان جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني قوم جو پختو ايمان آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چي?? ته پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم ان مسئل?? تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چي?? ته پاڪستان جي رياست سدائين کان فلسطين جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. پاڪستان جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه آهن. هن چي?? ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙ??ي انهن سان به ا??ان جا سفارتي لاڳاپا آهن پر فلسطين جي مسئلي جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿ?? ته پاڪستان جو فلسطين جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چي?? ته پاڪستان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو، پاڪستان جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان معامل?? تي فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چي?? ته اها ڳا??هه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيند?? ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو وي?? ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.
فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو