راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي ??ورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي ??ورسز دهشتگرد?? جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگرد?? جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنه?? جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خان عمر 31 سال رهائش ضلع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خان عم?? 27 ??ال رهائش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي ??ورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسا?? جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسا?? جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش