بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ??يو??يم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ??يو??م، پاڪ??تا?? جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ??يو??م جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪ??تا?? جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ??يو??م جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪ??تا?? کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ??يو??م کان ٻڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪ??تا?? وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي 3 مهينا ڊگهي گڏيل نمائش شينزن ۾ جاري، 203 نوادرات پيش
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز