اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحري?? جي دوري دوران بحري?? جي بادشاهه، ولي عهد، ڊفينس فورسز ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊرز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحري?? جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس جي ملٽري ميڊل سان نوازيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحري?? جي ٻن ڏينه?? جي سرڪاري دوري تي آهي. هن بحري?? جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن حمد الخليفه، بحرين ڊفينس فورسز جي ڪمانڊر فيلڊ م??رش?? خليفه بن احمد الخليفه ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحري?? جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف بحرين نيشنل گارڊ جي 27 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي واري ??رب??تي مشق جو به مشاهدو ڪيو. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ بحرين نيشنل گارڊ کي ملٽري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ اعليٰ پيشيوراڻي ??رب??ت فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو. بحري?? جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس ملٽري ميڊيل سان نوازيو.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاران بحرين جو دورو، بحرين جي بادشاهه، ولي عهد، ڊفينس فورسز ۽ بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊرز سان ڌار ڌار ملاقاتون، ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت