شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻي?? جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاو?? جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ايدا شانسي جي قيادت ۽ عوام پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته شي – آ?? جي قيادت ۽ ا?? جي عوام جي پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته شي – آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگر?? جي هنرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شانسي جي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي چي?? جي دوري دوران پاڪستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت سان ڪامياب ملاقات رهي. وزيراعظم چيو ته صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آهن ج?? جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، چين پاڪستا?? جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنه?? جي لاءِ مون سميت پوري قوم ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته شانسي ڪوويڊ 19 دوران پاڪستاني?? جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي وڏي اقتصادي قوت بڻايو، شانسي جديد زراعت ۽ گري?? ا??رجي ۾ پوري دنيا ۾ مثالي نالو رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت ۾ تعاو?? جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان شانسي کان جديد زراعت ۽ گري?? ا??رجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنس?? جي پراسيسنگ سا?? ا?? جي روانگي واپار جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. جائو ايدا وزيراعظم کي شانسي ۽ شي – آ?? جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ايدا چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، شانسي جي حڪومت پاڪستا?? جي زراعت ۽ گري?? ا??رجي جي حوالي سان هر قسم جي معاونت جي لاءِ تيار آهي، توها?? جي چيني قيادت سان ملاقاتون ڪامياب ۽ لاڀائتيون رهيو?? جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. جائو ايدا چيو ته شي – آ?? جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آهن. ملاقات کانپوءِ جائو ايدا وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احس?? ا??بال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری