اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) پي آءِ اي آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي ٽورنٽو کان پاڪستان سفر ڪندڙن لاءِ ڀاڙي ۾ 14 سيڪڙو آزادي ڊسڪائونٽ جو اعلان ڪيو آهي. پي آءِ اي پنهنجي آفيشل في?? بڪ پيڪ تي آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ان رعايتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ان رعايتي پيڪيج تحت ٽورنٽو کان پاڪستان ويندڙ اڏامن تي 14 سيڪڙو آزادي ڊسڪائونٽ ڏنو ويندو. مسافر رعايتي ٽڪيٽن لاءِ ايئر لائين جي ويب سائيٽ www.piac.com.pk , ڏسي سگهن ٿا. مسافر هيلپ لائين 021-111-786-786 ??ي به رابطو ڪري سگهن ٿا.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores