ڪراچي – 9 آگسٽ (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردا??ي پئرس ۾ جاري اولمپڪس 2024ع جيولن ٿرو مقابلن ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي قومي هيرو ارشد نديم کي مبارڪون ڏنيون آ??ن. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جا??ي پڌرائي مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جي انفرادي مقابلن ۾ پاڪستان لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو تمغو حاصل ڪري قوم جو ڳاٽ اونچو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو جي مقابلن ۾ ارشد نديم جو 92.97 رڪارڊ ساراهه جوڳو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جي دنيا ۾ تاريخ لکي ڇڏي آهي، قوم پنهنجي هيرو سان گڏ بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا