اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائ??لي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائ??لي قابض فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي انساني قانون جي واضح ??لاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام انساني زندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظ??هر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظ??هر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت ??هي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائ??لي قابض فوج کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده بڻائي.
پاڪستان پاران خان يونس اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea