اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته شنگهائي سهڪار ??نظيم جو اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار ??ان بهتر انتظام ڪيا آهن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽادار ??رقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، هڪ سياسي پارٽ?? احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي ??وق??ي ت?? احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، پي ٽي آءِ ک?? احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وق??ي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ به ساڻس گڏ هو. ان کان پهرين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي قيادت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڪئي. ان ??وق??ي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان لاءِ تيار ??هي، ايس سي او اجلاس ۾ ميمبر ۽ مبصر ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا، ڀارت جو پرڏيهي وزير به ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پاڪستان وڏي ع??لمي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ شاندار ميزباني جي ذميدار?? احسن طريقي سان انجام ڏيندو. هن چيو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندو، ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ٻه طرفي ملاقات لاءِ ڪا به درخواست ناهي ملي. ايس سي او سيڪريٽري جنرل ميڊيا کي ڪانفرنس بابت بريفنگ ڏيندو. اسحاق ڊار چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس سي او جي تيارين ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ڏين، مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان، سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار ??ان بهترين انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي 2014ع ۾ به چين جي صدر جي دوري جي ??وق??ي تي ڌرڻو هنيو هو، ۽ اها ئي پارٽ?? احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي ??وق??ي ت?? احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، اهم ??وق??ي ت?? احتجاج هڪ سياسي پارٽي کي نٿو سونهين، ملڪي مفاد ۾ پي ٽي آءِ کي 15 آڪٽوبر ج?? احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، غلطيون ورجائڻ بجاءِ هي ماڻهو پنهنجي اصلاح ڪن. نائب وزيراعظم چيو ته 2021ع کان افغانستان ايس سي او اجلاسن ۾ شريڪ ناهي ٿيو، ايس سي او اجلاس جي ڪوريج لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جا انتظام ساراهه جوڳا آهن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽادار ??رقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي. اسحاق ڊار چيوته پاڪستان جي ع??لمي سطح تي اڪيلائپ وارا مفروضا ختم ٿي ويا، ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سعودي وفد جا دورا انتهائي ڪامياب رهيا، پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن کي اجاگر ڪيو آهي، ۽ فلسطينين لاءِ امداد موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
ايس سي او اجلاس لاءِ سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهترين انتظام ڪيا آهن، پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں