اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي ق??من واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال استادن جي تربيتي انسٽيٽيوٽ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ نوجوانن کي مستقبل جي چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ ??اطر تعليمي سڌارن جي فوري ??رورت تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلينس ان ٽيچر ايجوڪيشن (NIETE) ۽ اسڪول آف ايجوڪيشن جي سهڪار سان جاري ??ستادن جي تربيتي منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير احسن اقبال تجويز ڪيل تعليمي سڌارن تي ڳالهائيندي اخلاقي بنيادن جي بحالي ۽ نوجوانن ۾ عالمي تناظر کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان جي تعليمي نظام کي ٽيم ورڪ، تعاون ۽ اجتماعي ڪاميابين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير ان موقعي تي استادن جي ڪردا کي علم جي منتظمين طور اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هو مستقبل جي اڳواڻن کي زندگي جي مهارتن ۽ مضبوط سماجي شعور سان ليس ڪندا. اجلاس ۾ ملڪ جي تعليمي نظام جي وڏين خامين تي روشني وڌي وئي، جن ۾ 18 لک استادن کي جديد چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وڌندڙ آبادي جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 لک نون استادن جي ضرورت پوندي. وفاقي وزير عالمي معيار جي تربيتي پروگرامن جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن 21 هين صدي جي تعليمي ضرورتن موجب هم آهنگي پيدا ڪري ??گهجي. پيش ڪيل تجويزن ۾ فن لينڊ، سنگاپور، آسٽريليا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جي بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ ??ي ڳالهه ڪئي وئي. جن ۾ نظريي ۽ عملي تر??يت کي جوڙڻ، تبديلي لاءِ موزونيت کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪيريئر جي ترقي سان جڙيل تربيتي سرٽيفڪيشن شامل آهن. پروفيسر احسن اقبال هيڊ ماسٽر ۽ هيڊ مسٽريس لاءِ لازمي سرٽيفڪيشنز جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن سندس قيادت جي صلاحيتن جو جائزو وٺي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري ??سڪولن کي بنيادي مهارتون سکارڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي ته جيئن سڌارن جي معاشرتي فائدن کي وسيع پئماني تي حاصل ڪري ??گهجي. اجلاس ۾ روڊ ميپ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمي حصيداري، نصاب جي ترقي ۽ استادن جي تر??يت ۽ 21 هين صدي جي مهارتن لاءِ عالمي معيارن جي قيام ذريعي عالمي سڃاڻپ کي حاصل ڪرڻ ??ي زور ڀريو ويو.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس، استادن جي تربيتي منصوبي تي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل