گڏيل قومون- 09 مارچ (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ٻين ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو اف??ان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ اف??انستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن. چيني خابرو اداري موجب آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا اف??ان مرڪزي بئنڪ جا 9.5 بلين ڊالر جا اثاثا منج??ند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان آمريڪي قدم کي ڪجهه ملڪن ڌاڙو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اف??ان عوام جا سمنڊ پار اثاثا اف??ان عوام ل??ءِ است??ما?? ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اف??ان اثاثن کي منج??ند ڪرڻ بنا جواز ۽ غير قانوني آهي، اف??ان عورتون ڪمزور برادري آهي جيڪا ڪيترائي سال جنگ ۽ بحران سبب وڌيڪ متاثر ٿي آهي، چيني نمائندي چيو ته عالمي رڪاوٽون ۽ پابنديون هٽائڻ کانسواءِ اف??ان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن کي تحفظ حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن زور ڀريو ته هڪطرفيون پابنديون مقامي عورتن ۽ ٻارن جي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ شديد مشڪلاتن جو سبب بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن کي بنا دير جي ختم ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ افغان عورتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن: چين
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز