عمان-24 آڪٽوبر (اي پي پي)اردن غزه ۾ اسر??ئي??ي وسندين جي تعمير لاءِ اسر??ئي??ي وزيرن جي بيانن ۽ ڪنيسٽ (پارليامينٽ) جي ميمبرن پاران ڪيل اپيلن جي شديد مذمت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اردن جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سفير سفيان القضا انهن مطالبن کي عالمي قانون ۽ انساني قانون جي خلاف ورزي قرار ڏيندي چيو آيه ته اهي مطالبا اهڙي خلاف ورزي آهن جيڪي ??ار??ي ذهنيت جي عڪلاسي ڪن ٿا جنهن تي عالمي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته غزه ۾ اسر??ئي??ي آبادڪاري جا مطالبا غزه خلاف جارحيت جاري رکڻ ۽ طاقت ذريعي نيون حقيقتون مڙهڻ جي ??وشش ۾ غزه جي رهواسين تي خوراڪ ۽ دوائن جي داخلا روڪڻ جي اسر??ئي??ي انتهاپسنداڻي پاليسي جي توسيع آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو پنهن??ي قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون پوريون ڪري، خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسر??ئي?? تي غزه خلاف پنهنجي جارحيت روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. واضح رهي ته اسر??ئي??ي وزير ۽ ڪينسٽ ميمبر هاڻوڪن ڏينهن ۾ غزه تي قبضي ۽ اتي اسر??ئي??ي وستين جي تعمير جا مطالبا ڪيا.
اردن جي غزه ۾ وسندين جي تعمير بابت اسرائيلي وزيرن جي بيانن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II