انقره – 26 نومبر (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين ??لس??يني عوام جي حمايت جاري رکنداسين . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن ڪابينه جي اجلاس بعد چيو ته اسان پنهنجي ??لس??يني ڀائرن ۽ ڀينرن جي پوري طاقت ۽ وسيلن سان حمايت ڪنداسين. جيستائين ??سل ڪشي ختم نه ٿي ٿئي ۽ غزه ۽ ??لس??ين کي مڪمل طورتي آزاد نٿو ڪيو وڃي سندن حمايت جاري رهندي . هن چيو ته ترڪيه سمورن عالمي پليٽ فارمز تي ??لس??ين جي حمايت ڪري رهيو آهي . ترڪيه جي صدر چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ مظلوم ??لس??يني عوام لاءِ پنهنجي ڀائراڻي فرض کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون . اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس قاتلن جي نيٽ ورڪ جي چوڌاري گهيرو سخت ٿيندو پيو وڃي . هن چيو ته عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يو او گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آ??ن جيڪو هڪ جرائت منداڻو قدم آهي.
غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکنداسين: ترڪيه جو صدر
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری