لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته م??ن پنهنجي قوم ??ان واعدو ڪيو آهي ته جيترا به ڪرپٽ ماڻهو آهن انهن س??ني کي پڪڙڻو آهي، جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ ڌٻڻ مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، ا??ان کي مشڪل دور مان نڪرڻو آهي، ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي 20 سيڪڙو انعام ڏيڻ جي حوالي ??ان قانون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪرايو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??ان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ايماندار ماڻهو ۽ تبديلي جو نالو آهي، پنجاب جي وڏن وزيرن مان عثمان بوزدار سڀ کان ڪامياب وڏو وزير هوندو، عثمان بوزدار پٺتي پ??ل علائقي ??ان تعلق رکي ٿو، هي پ??هنجي علائقي جا مسئلا ڄاڻي ٿو، تبديلي اها آهي ته ا??ان جو وڏو وزير علاج جي لاءِ ٻاهر نه ويندو، پنجاب جي وڏي وزير کي خبر آهي ته خراب پاڻي پ??ئڻ ??ان ڪيترا مسئلا پيدا ٿين ٿا، مون کي يقين آهي ته هي هڪ ايماندار شخص آهي ۽ آئون بي خوف آهيان ته هي بدعنواني نه ڪندو، سڀ کان وڏي بجيٽ پنجاب جي آهي، پنجاب ۾ 10 سالن ۾ 8 هزار ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، رڳو لاهور جي سالياني ترقياتي بجيٽ خيبرپختونخواهه کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.
قوم سان واعدو ڪيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ