ا??لا?? آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پ??ڪستان ۾ به ڪرسمس جو ڏڻ اڄ جمعي ڏينهن ملهايو ويندو. ان ڏس ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ان اهم ڏڻ جون وڌيڪ تقريبون وبا جي ??ي لهر جي ڪري پوري دنيا ۾ ڊجيٽل طور تي منعقد ٿينديون، تنهن هوندي به مسيحي برادري ان وائرس کان محفوظ رهڻ جي ??اءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي جوش ۽ جذبي سان ان ڏڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، مسيحي برادري جو ڏڻ ڪووڊ -19 ايس او پيز تي عمل ڪندي ننڍي پئماني ??ي سرڪاري ميڙاڪن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جهڙي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جي ذريعي ملهايو پيو وڃي، ڪرسمس فيسٽيول ۾ ڪرسمس ٽري، سانتاڪلاز ڪيرولز ۽ ڪرسمس تحفن جهڙيون روايتون شامل آهن جيڪي ان ڏڻ کي دلڪش بڻائينديون آهن، سمورا وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي ??يارن لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي ??ارڪيٽن ۽ هفتيوار بازارن ۾ خريداري جڏهن ته نوجوان ڪرسمس ٽري جي سجاوٽ ۽ پنهنجي، پنهنجي ??يملي ۽ دوستن جي ??اءِ ڪرسمس تحفن جي خريداري ۾ مصروف آهن.
سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ڪرسمس جو ڏڻ اڄ ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا