جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سوڊان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت جو ورجاء?? ڪندي چيو آهي، ته سندس ملڪ سوڊان واسين سان گڏ بيٺل آهي، هن جده ڳالهين لاءِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي جي ڪوشش?? جو ذڪر ڪندي چيو ته بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذريعي سوڊان بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊا?? جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينج?? جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري مدد جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊان غير معمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته اهي ا??يان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مضبوط عالمي حمايت بنا سوڊان تيزي سان لاقانونيت جو ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سان سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چيو ته دارفور ۽ خرطوم جي صورتحال تباهه ڪندڙ آهي، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ اهي سوڊان جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پناهه لاءِ مجبور آهن. 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ان تڪرار جي شروع ٿيڻ کان اڳ سوڊان اڳ ئي انساني بحرا?? جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تباهي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سان ملڪ جي ا?? آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته صورتحال کي وڌيڪ خ??اب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته بحرا?? جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ا?? جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذريعي سويلين حڪمراني جي بحالي آهي. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني حق?? ۽ ??ناهگيرن جي ادارن سان گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يوني?? ۽ ??ورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آهي.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ