جنيوا-10 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ گڏيل قومن جي ??ين ماهرن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي علمبردارن خرم پرويز ۽ عرفان مهراج خلاف لڳايل الزامن، انهن جي ??رفتاري ۽ نظربندي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد کين پيشيوراڻي ذميوارين جي ادائيگي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جي ??گراني کان روڪڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب انساني حقن جي علمبردارن جي باري ۾ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين ماهرن طرفان جاري هڪ گڏيل پڌرائي ۾ خرم پرويز ۽ عرفان مهراج جي ??يشيوراڻي معاملن ۽ ڄمون ڪشمير ڪوليشن آف سول سوسائٽي جي سرگرمين جي ??انوني حيثيت کي تسليم ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ عرفان مهراج جي ??رفتاري ۽ خرم پرويز جي 2021ع کان م??لس?? نظربندي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ان جو مقصد کين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي انساني حقن جي صورتحال جي ??گراني ۽ پنهنجي ??يشيوراڻي ذميوارين جي ادائيگي کان روڪڻ آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڀارت کي دهشتگردي جي خاتمي جي ??انونن کي انساني حقن جي علمبردارن خلاف استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پڌرائي ۾ مودي ??ڪو??ت طرفان دهشتگردي جي تعريف سان اختلاف ڪندي غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام جي ??اري قانون يو اي پي اي ۾ دهشتگردي ايڪٽ جي تعريف بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جيڪو دهشتگردي جي خاتمي دوران انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ بابت عالمي اداري جي رهنما اصولن ۽ تعريف کان بلڪل جدا آهي ۽ ان ۾ عدليه جي ??گراني يا ڪنٽرول کانسواءِ ايگزيڪيٽو کي وڏي پئماني تي اختيار فراهم ڪيا ويا آهن. پڌرائي ۾ مودگي ??ڪو??ت کي ياد ڏياريو ويو آهي ته دهشتگردي ۽ دهشتگردي جي ??وهن جي تعريف سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجي ??رارداد 1566 (2004ع) ۾ واضح ڪئي وئي آهي جيڪا حقيقي طور تي ان موجب هجڻ گهرجي. بيان ۾ خبردار ڪيو ويو ته انساني حقن جي سرگرمين کي دهشتگردي سان جوڙڻ رياست جي انهن ذميوارين سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ جيڪي جن جي سلامتي ڪائونسل طرفان توثيق ڪئي وئي آهي. رياستن طرفان دهشتگردي جي خاتمي جي سرگرمين کي عالمي قانونن جي ??ين ذميوارين خاص طور تي انساني حقن جي احترام سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ گهرجي. واضح رهي ته انساني حقن جي علمبردارن جي باري ۾ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين ماهرن طرفان هي خط ڀارتي ??ڪو??ت کي هلندڙ سال 5 جون تي لکيو ويو هو ۽ ان کي منظر عام تي اچڻ کان اڳ 60 ڏينهن تائين ڳجهو رکيو ويو، جنهن جو مقصد مودي ??ڪو??ت کي ان جواب ڏيڻ جي ??هلت ڏيڻ هو.
ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سول سوسائٽي کي نشانو بڻائڻ لاءِ قانونن جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha