اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته اخبار ۾ شايع ٿيندڙ قومي مفاد جي خلاف ڪوڙي خبر پٺيان عنصرن کي قوم آڏو بي نقاب ڪيو ويندو، سول ملٽري لاڳاپن ۾ تلخي جي خبر ۾ سچائي نه آهي، قومي سلامتي ??ابت خبر جي جاچ لاءِ وزيراعظم جي مشاورت کان??وء?? اعليٰ سطحي ڪميٽي جي ٻين نالن کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي. پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ڪجهه اهڙيون حقيقتون هيون جن جي وضاحت ڪرڻ ضروري هو. هن چيو ته ڌرڻي جي حوالي سان منهنجي جيڪا ??مي??اري آهي اها مون ادا ڪئي. ڊان جي خبر جي حوالي سان آئون توهان آڏو حقيقتون رکان ٿو، هن وقت ملڪ ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي ڪا تميز نه آهي. هن چيو ته آئون ميڊيا جي اڪثر پروگرامن مان رهنمائي حاصل ڪندو آهيان. ميڊيا منهنجي اک ۽ ڪن آهن ۽ منهنجي وزارت جي حوالي سان ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته جڏهن ڊان جي خبر سامهون آئي ته وزيراعظم پاران فيصلو ڪيو ويو ته شروعاتي ??نڪوائري ٿيندي ڇو ته اهو وڏو ڪيس آ هي، مون کي اها ??مي??اري ڏني وئي، مون کي هڪ ليگل ٽيم جي معاونت جي ضرورت هئي جنهن جي سربراهي قانون وارو وزير ڪري رهيو هو، مون سيف سٽي پراجيڪٽ، ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ سمورن قانون ??اڳ?? ڪندڙ ادارن جي معاونت حاصل ڪري شروعاتي ??پورٽ تيار ڪئي.
قومي مفاد خلاف ڪوڙي خبر پٺيان عنصرن کي بي نقاب ڪيو ويندو: چوڌري نثار
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر