لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اين سي او سي ۽ وف??قي حڪومت جي گائيڊ لائينز جي ابتڙ سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان ??ي معيشت جي ??اءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا، صوبائي حڪومتون انفر??دي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وف??قي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪورونا وائرس جي ??هرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جاري آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي، سنڌ پاڪستان ??ي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي ??اڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ??اءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو بڻجي ??يو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون سنڀلجي رهيون هيون، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري دنيا ڊيلٽا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. وف??قي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي ??يصلن سان ڳڻتي جي ??هر پيدا ٿي وئي آهي، اسان ڪورونا وائرس جي ??هرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي رهي آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ حڪومت اين سي او سي ۽ وف??قي حڪومت جي ??دايتن جي ابتڙ صنعتن کي بند ڪري ٿي ته ان سان پاڪستان ??ي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، جن صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، انهن صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي رهي آهي ان جي ??تيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو ??ي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ پاڪستان ??ي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي ??يصلي موجب صوبائي حڪومتون انفر??دي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وف??قي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ??ا ته اڄ اها صورتحال نه هجي ??ا. هن چيو ته وفاق ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهيو آهي پر صوبائي حڪومتون انفر??دي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او سي جي گائيڊ لائينز موجب ٺاهڻي پوندي.
سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری