اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شعب?? جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي ??راهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (اين ايس يو) اسلام آباد جي ??شاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين ايس يو جي ??ائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ??يم??رن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اجلاس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني تعليم ڏيڻ ۾ اين ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل اين ايس يو جي تعليمي پروگرامن کي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پروگرام انڊسٽر?? جي گهرجن ۽ گڏي?? ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اين ايس يو ۽ صنعتي شعب?? جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اين ايس يو ۽ صنعتي شعب?? جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي ??اءِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شعبي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي ??ابل گريجوئيٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي پاران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمند?? جي پروگرامن ب??بت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.
يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفان مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي: صدر
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena