اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف ڪوڙ ۽ اجائي الزامن تي ٻڌل مهم بند ڪري، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورين اقليتن سان ناروا سلوڪ رکيو رکيو ويندو آهي، عالمي برادري نئي دهلي جو ??حتساب ڪري، افغانستان ۾ پي آءِ اي آپ??يش?? جو معاملو ڪابل ۾ پاڪستاني سفير افغان اعليٰ عملدارن سان اٿارينداسين، پاڪستان آمريڪا سان بهرين لاڳاپن جو ??واهشمند آهي، آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته ڀارت پاسڪتان خلاف ڪوڙ ۽ اجائي الزامن تي ٻڌل مهم بند ڪري، ترجمان چيو ته اسان بار بار عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرايو آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ ڪشميرين کي بدنام ڪرڻ جي غرض سان جعلي فليڪ آپ??يش?? ڪري سگهي ٿو، ترجمان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي تنهن هوندي ??ه ڀارت جي ڪنهن به جارحاڻي ارادن جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن تي تشدد جي وڌندڙ واقعن تي او آءِ سي پاران احتساب جي مطالبي جي آجيان ڪئي آهي. ترجمان چيو ته اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته ڀارت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي عالمي برادري پاران ڌيان وڌي رهيو آهي. والاريل ڪشمير جي حوالي سان ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، 2014ع کان ڀارت ۾ اقيلتن خلاف ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ اضافو ٿيو. هيومن رائيٽس واچ، او آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل به ڀارتي ظلمن جي تصديق ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ڀارتي رياست آسام سميت پور?? ملڪ ۾ مسلمان اقليتن سان غير انساني رويو رکيو پيو وڃي، عالمي برادري ڀارت جو ??حتساب ڪري، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان ترجمان چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان آمريڪا سان وسيع النبياد ۽ متوازن لاڳاپن جو ??واهشمند آهي، تازو ئي آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پاڪستان جو ??ورو ڪيو، آمريڪا ٻنه?? ملڪن جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جو ??واب ڏيندي ??رجمان چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ايران سان ب??تر??ن لاڳاپن سان سعودي ??رب جي لاڳاپن تي ڪو به اثر نه پوندو. ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، ايران پاڪستان جو پرامن پاڙيسر?? ملڪ آهي، ترجمان چيوته سعودي ??رب جي حوالي سان ايران سان ڪا به ڳالهه ناهي ٿي. هن چيو ته سعودي ??رب ۽ ايران جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. پي آءِ اي آپ??يش?? معطل هجڻ بابت ترجمان چيو ته ان سلسلي ۾ پي آءِ اي وضاحت جاري ڪئي آهي، افغانستان ۾ پي آءِ اي آپ??يش?? جو معاملو ڪابل ۾ پاڪستاني سفير افغان اعليٰ عملدارن سان اٿارينداسين، هڪ سوال جو ??واب ڏيندي ??رجمان چيو ته طالبان جو ??عليٰ سطحي وفد ترڪي ۾ آهي، طالبان وفد جو ??رڪي جو ??ورو مثبت قدم آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ وسيع النبياد حڪومت ۽ امن جو قيام سڀني جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ڳالهين جي ذريعي ئي افغانستان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته دوحه ۾ آمريڪا افغان ڳالهيون مثبت رخ ۾ اهم قدم آهي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خودمختيار افعانستان لاءِ پرعزم آهي، افغانستان ۾ امن خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي، ترجمان افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، اقتصادي ??ستحڪام ۽ پائيدار امن کي يقيني بنائڻ لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان سان تعيمري رابطا ضروري آهن، ترجمان افغانستان سان تازي عالمي رابطن کي مثبت قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان افغانستان لاءِ پنهنجي انساني امداد جاري رکنداسين.
ڀارت پاڪستان خلاف ڪوڙ ۽ اجائي الزامن تي ٻڌل مهم بند ڪري: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری