اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري سول سرونٽ عبدالله مرحوم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس پي 1967ع بئ?? سان تعلق رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سول سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ٿيو، الله کيس ??نت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس سول سرونٽ، هڪ ناليوارو اسڪالر ۽ اسلام جي محققين مان هڪ هو. وزيراعظم چيو ??ه عبدالله مرحوم جو سروس دوران ماڻهن جي ڀ??ائ?? لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ محنت سول سرونٽس جي لاءِ پوئلڳي قابل رول ماڊل آهي. اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جي گهروارن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام