ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمي?? جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪا?? جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگن، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان ل??ءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي ل??ءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح والاريل ڪشمي?? جي معصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد ل??ءِ ڀارتي فوج جو م??ابلو ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئ??ن ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمي?? جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمي?? جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمي?? جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آهي ته اهي انهن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.
ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن: صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو