واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آم??يڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان لکين ٻوڏ م??اثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻوڏ م??اثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آم??يڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻوڏ م??اثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قص??ري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو ٻوڏ م??اثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آم??يڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پاڪستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آم??يڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن ??ي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آم??يڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به ساراهيو. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻوڏ م??اثرن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني آم??يڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.
لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن