اسلام ??باد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن جيڪي پاڪستان کي عد?? استحڪام ??و شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام ??ي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتم?? لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک