اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻين ملڪن جي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شرڪت سميت سي پيڪ جي توسيع تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين گهڻ رخي پليٽ فارمز تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان 16 کان 18 مارچ تائين چ??ن جو دورو ڪيو. هن چ??ن جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي ۽ نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمي?? لوزائو هوئي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته دو??ي دوران ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان ۽ چ??ن جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ پاڪ چين ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي ٽئين دور جي گڏيل صدارت ڪئي، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ٻطرفي واپار، اقتصادي ۽ مالياتي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي وڌائيندا ۽ مواصلات جي ذريعن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.
چين ۽ پاڪستان پاران سي پيڪ جي توسيع تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : loteria estadual