اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ڪ سياسي پارٽي پاران لسٻيلا سانحي طرز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي ع??دا??شڪور جي حادثي تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي، افسوسناڪ ڪلچر وڌايو پيو وڃي، ڪنهن به شهادت ۽ واقعي تي ان حد تائين ڪري پ??ڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هو ايم اين اي آغا رفيع الله جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ??ي ڏينهن اڳ ڇنڇر جي رات اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي ع??دا??شڪور جي گاڏي کي پ??ش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهي آهيان. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي ع??دا??شڪور جي شهادت تي وفاقي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن پنهنجي پ??هنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، هر اک ڳوڙهن هاڻي آهي، پارليامينٽ مان هڪ قرارداد به پاس ٿي جنهن ۾ ع??دا??شڪور صاحب کي هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته گذر??ل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ سازش ٺاهي پئي وڃي، هر طرف کان پيغام اچي رهيو آهي ته اهو سانحو سازش سان ڳنڍيل هو، وزيراعظم جي هدايتن تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان معاملي تي خصوصي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، اڃا تائين ڪي اهڙا ثبوت ناهن مليا ته ان سانحي ۾ ڪا سازش آهي، ڪنهن به انديشي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ??ي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سان سانحي تي غليظ مهم هلائي پئي وڃي، هي اهي ئي ما??هو آهن جن لسٻيلا حملي تي پڻ اهڙي مهم هلائي هئي. هن چيو ته ان واقعي جي حوالي سان انشاءَ الله سڀاڻي حقيقتون پارليامينٽ آڏو رکنداسين.
هڪ سياسي پارٽي پاران لسٻيلا سانحي طرز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادثي تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج