اسلام آباد ?? 01 ??? مئي (اي پي پي) پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿ??ند?? خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿ??ند?? ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغانستان جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌا??ڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ