اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پاڪستان ۾ عڪسبن??ي ۽ فلم سازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستاني شاگردن کي فلم، آرٽ اي??ڊ ڪلچر ۾ فني تربيت جي فراهمي لاءِ جرمن ادارن جي تعاون جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير جرمن سفير کي فلم اي??ڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جرمني ۽ پاڪستان جي نجي سرڪاري درسگاهن ۾ تعاون سان فلم، آرٽ اي??ڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. وفاقي وزير جرمن اين جي اوز جي آئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد جي فراهمي جو واعدو جرمني جي پاڪستان دوستي هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اقبال ۽ گوئيٽه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اقبال گوئيٽه آرٽ اي??ڊ ڪلچر ??ينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پاڪستان جي حالتن جي غيرجانبدا??اڻ?? انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. جرمني جي صحافتي تنظيمن جي وفد جو پاڪستان جو ايندڙ مهيني دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير ا??لاعات واري وزير جي فلم اي??ڊ ڪلچر ??ي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا