ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي جي استعمال تي آهي، تحقيق جو فروغ هر حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ا??ين نه ٿي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ ٽيڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته معياري ۽ صحت جي بهتر خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي. اسان شهرين کي صحت جي برابر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششو?? ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سرنديءَ وارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. آغا خان يونيورسٽي جو تعليم، تحقيق ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ هاڻي آرٽس ۽ سائنس جي شعبي ۾ پڻ يونيورسٽي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. آغا خان يونيورسٽي پاڪستان جي لاءِ هڪ قومي اثاثو آهي، تحقيق ۽ ٻين شعبن جي ڪري آغا خان يونيورسٽي جو شمار دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو ۽ ان مان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ تعليم ۽ علم جي فروغ جي لاءِ ڪوششو?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر ضرورت جي موقعي تي آغا خان يونيورسٽي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀايون آهن. ڪورونا دوران مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ ڪوويڊ جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ هزارين ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت کي يقيني بڻايو. ٻوڏ دوران پڻ آغا خان يونيورسٽي متاثر علائقن ۾ هزارين هيلٿ ڪلينڪس قائم ڪيون جن جي ذريعي لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. آغا خان يونيورسٽي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي. آغا خان يونيورسٽي پرنس آغا خان جي ويزن ۽ فهم ۽ فراصت جو مظهر آهي. نگر??ن وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن هڪ بهترين ذريعو آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان مرض بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، ٽيڪنالاجي صحت سميت هر شعبي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته اسان مرض جي تدارڪ ۽ تشخيص جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فروغ لاءِ ڪوششو?? ڪري رهيا آهيون، ٽيڪنالاجي جي ذريعي سمورن شهرين کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي خواب کي پورو ڪيو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي تي آهي، رڳو صحت جي شعبي تائين ئي نه هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس خواب رهيو آهي ته هو ه?? استاد بڻجي پر ا??ين نه ٿي سگهيو.
عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری