اسلام آباد – 05 – ??نوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان شايع ٿي??دڙ مضمون جي حوالي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪ??دڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چيو ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير چيو ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.
”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال