اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن پاڪستان ۾ اٽلي جي سف??ر اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ?? مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اٽلي جي عهدو ڇڏيندڙ سف??ر جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اٽلي جي سف??ر پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن اٽلي جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ سف??ر جي اڳتي جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب