اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزي??نز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزي??نز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين مان گ??ري رهي آهي ۽ وقت سان ??ڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزي??نز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪاليج آف فزي??نز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.
ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب