اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قانونسازي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم قانونسازي بابت معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ” قانونسازي جي معاملن جي سُڃاڻپ بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ نئين ق??نونن، قاعدن ۽ موجوده قانونن، قاعدن جو جائزو و??ڻ ۽ اها سفارش ڪرڻ ته ڇا اهي حڪومتي پاليسي موجب آهن، اهو جانچڻ ته موجوده قانونن ۾ ترميم آئيني اسڪيم موجب آهي، ڪنهن موجوده قانون جي خلاف ورزي نه ٿو ڪري ۽ پارليامينٽ جي اختيار ۾ اچي ٿو. تجوويز ڪندڙ، ڊويزن سان پاليسي جي معاملي تي اختلاف جي صورت ۾ ٻنهي جو موقف ڪابينا آڏو پيش ڪيو و??ندو ته جيئ?? اها فيصلو ڪري سگهي. ڪميٽي جو سربراهه قانون ۽ انصاف وارو و??اقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اقي وزير، اوورسيز پاڪستانيز وارو و??اقي وزير، واپار وارو و??اقي وزير، ناڻي وارو و??اقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو و??اقي وزير، خصوصي دعوت تي اٽارني جنرل، وفاقي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڊويزن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس ڪميٽي جا ميمبر هوندا. چيئرمين ڪميٽي ڪنهن به اجلاس جي لاءِ ڪنهن به وفاقي وزير کي شامل ڪري سگهي ٿو.
وزيراعظم پاران قانونسازي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری