اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي ج??هن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽا?? جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ج??رل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترڪيه پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت ??هي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ??ڻا??ڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽا?? جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز