اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وف??قي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هلائڻ جي بيان تي پ??هن??ي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وف??قي وزير چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هلائڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پ??هن??و نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي جو نه. پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪو به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، معاشي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪنداسين. وف??قي وزير چيو ته انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي انتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ته وف??ق ۽ پنجاب وانگر بجلي جي صارفين کي ڪي پي ڪي حڪومت پ??هن??ي صوبي ۾ رليف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اسپتالن، درسگاهن جي تعمير سان عوام جي خدمت جو ڪو رڪارڊ ٺاهين ها. هن چيو ته چين جي صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ناڪام بنائيندڙ هاڻي ايس سي او جي ا??لاس جي موقعي تي وري ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿا. وف??قي وزير چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف اها آهي ته پاڪستان معاشي بحالي جي راهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مهانگائي سان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف آهي ته مهانگائي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي آهي. هن چيو ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مهانگائي گهٽ نه ٿين??ي ۽ نه ئي بيروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف ٿي رهي آهي.
خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil